شرم الشيخ-11 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي ??زير س??نيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان هڪ تڪليف ڏيندڙ تباهه ڪُن ٻوڏ مان گذريو آهي جنهن سان 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، اهڙو اظهار هن ڪوپ 27 ۾ انٽرنيشنل واٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ ۽ايف اي او جي انتظام هيٺ واٽر پويلين ۾ اعليٰ سطحي سيگمينٽ: ٿيميٽڪ ڊي 3 ڊزاسٽر رسڪ ريڊڪشن (ڊي آر آر) ۽ بهتر معاش لاءِ پائيدار شهر کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو تقريبن ??ڪ ڀاڱي ٽيون حصو پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهي ۽ آفت کانپوءِ ضرورت جي ڪاٿي مطابق مجموعي طور 30 بلين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته معاش جي ذريعن، زراعت ۽ـ خوراڪ شديد متاثر ٿيا آهن ۽ صديءَ جي رڪارڊ ٻوڏ پوري ملڪ کي ٽوپو گرافي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن ان سال پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان ۽ ٻوڏ جي خطري جي انتظام ۽ درياءِ سنڌ جي نظام جي لچڪ ۾ ليونگ انڊس انيشي ايٽو جي اهيمت تي زور ڏنو. پاڪستان جي بحالي ۽ موافقت جي ضرورتن تي ڳالهائيندي وفاقي ??زير ليونگ انڊس انيشي ايٽو جو هڪ جائزو پيش ڪيو ۽ ٻُڌايو ته ڪهڙيءَ طرح سنڌ طاس جي ماحولياتي نظام کي بحال ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان جي حدن ۾ خاص طور تي ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت دوران سنڌو درياهه جي نظام جي ماحولياتي صحت کي بحال ڪرڻ اسان جي آبهوا کي پائيداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي. وفاقي ??زير شرم الشيخ ۾ ڪوپ 27 جي پاڪستان پويلين ۾ دي ليونگ انڊس اين ايڪسز آف ايڊاپٽيشن جي عنوان سان پينل ڊسڪشن کي پڻ خطاب ڪيو. هن سان گڏ واپار واري وفاقي ??زير نويد قمر، پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس ۽ ا??وائرمينٽ جرنلسٽ عافيه سلام پڻ موجود هئا.
متعلقہ مضامین
-
Pakistani airlines likely to resume direct flights to UK soon
-
فارچیون ریبٹ آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ
-
Woman dies after being forced to drink acid by in-laws in Gujrat
-
SKMCH&RC; launches Zakat Collection Campaign for 2016
-
Torkham gate titled as Bab-i-Pakistan
-
India trying to separate Balochistan from Pakistan: Musharraf
-
Google officially launches YouTube Pakistan
-
State-of-the-art institute for Kidney and Liver patients to be set up
-
PT آن لائن تفریح کی سرکاری ویب سائٹ: بہترین گیمنگ پلیٹ فارم
-
گولڈن جیم انٹرٹینمنٹ آفیشل لنک
-
مسالیدار ایوارڈز کا آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور تفصیلات
-
PG سافٹ ویئر آئیکونک انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: جدت اور تفریح کا بہترین مرکز